contact@sevenstarpublishers.com
+92 342 1096 230
قديم هندستاني فلسفو تمام گهڻو وسيع موضوع آهي ۽ هِنَ ڪتابڙي کي، اُنَ جو رڳو تعارفُ سمجهيو وڃي. مون هِنَ ڪتابڙي وسيلي، هندن جي سڀ کان آڳاٽي فڪري ذخيري کي، جيڪو ويدن، ڀڳوت گيتا ۽ چارواڪ مان ورتل آهي، پڙهندڙ جي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪرائڻ جي وس پڄندي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
مون کي اِنَ ڳالهه جو شدت سان احساسُ آهي ته هِي مختصر ڪتابُ، ڪنهن به ريت، پوري هندستاني فلسفي کي ڀاڪُرَ ۾ نه ٿو ڀَري. مثال طور هِنَ ۾ ٻڌمت، جين مت، تينترڪ فلسفي ۽ هندن جي ڇهن مشهور فلسفياڻي فڪرَ جي نظامن کي، مان مناسب جاءِ نه ڏئي سگهيو آهيان. پوءِ به ڪتابَ جي پهرين تعارفي بابَ ۾، اِنَ آڳاٽي فلسفي جي اهم نڪتن جو مٿاڇرو جائزو ورتو اَٿم، جنهن ۾ اُنهن ٻين فڪري مڪتبن جو به هَلڪو ذڪر ٿيل آهي. خير، مان سمجهان ٿو ته پڙهندڙن کي، اِنَ مختصر تعارفَ سبب، وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي اُڃَ باقي رهندي، جنهن لاءِ مان اَڳواٽ معذرت عرض رکان ٿو.
سنسڪرت جي ڪجهه انگريزي اصطلاحن کي، اردوءَ جو ويسُ پهرائڻ ۾، ڊاڪٽر سهيل بخاري صاحبَ منهنجي مدد ڪئي آهي. جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان. تَنهن هوندي به، ڇاڪاڻ ته مان سنسڪرت کان اڻ ڄاڻ آهيان، تنهنڪري اصطلاحن جي اردوءَ ۾ استعمال ۾، مون کان ڪيئي غلطيون ٿي ويون هونديون، اِنَ جي سموري ذميداري منهنجي آهي.
مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخَ جي شعبي جي صدر جناب ڊاڪٽر مبارڪ علي خان صاحب ۽ فلسفي جي شعبي جي پروفيسر جناب ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحيم صاحبَ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو اُنهن ٻوليءَ جي سڌاري ۽ پروفَ جي پڙهڻ ۾، منهنجي مدد ڪئي. مان پنهنجي نياڻين شمائله فريد ۽ تزئين فريد جو پڻ ٿورو مڃان ٿو، جَن مسودي کي، سهڻن اکرن ۾ لکيو.
فريد الدين،
فلسفي جو شعبو، سنڌ يونيورسٽي،
4 جون 1985ع
Essentials of MDCAT — New
Fourth Edition
18 May, 2026
Chasing Homer
ھومر جي واٽ تي
28 Jul, 2026
Your Path to Success
A Giude to Career & Confidence
11 Sep, 2026
Thari Lok Geetan Jo Samajiyat Abhiyas
ٿري لوڪ گيتن جو سماجياتي اڀياس
11 Sep, 2026
Dil He Samjhe Nathi Dard Aa Dadlo
دل ھي سمجهي نٿي درد آ دادلو
11 Sep, 2026
Shikago: Katha Hik Sindhi Shagird Ji (Part 2)
شڪاگو: ڪٿا ھڪ سنڌي شاگرد جي (ڀاڱو ٻيو)
11 Sep, 2026
Cholistan Corporate Farming: Kalabagh Dam Plus Ratha
چولستان ڪارپوريٽ فارمنگ: ڪالاباغ ڊئم پلس رٿا
11 Sep, 2026
Dhak Dhateearran Jo
ڍڪ ڍاٽيئڙن جو
11 Sep, 2026
Uthi Haliyoon Istanbul De (Part 2)
اُٿي ھليون استانبول ڏي (ڀاڱو ٻيو)
11 Sep, 2026
Shikago: Katha Hik Sindhi Shagird Ji (Part 1)
شڪاگو: ڪٿا ھڪ سنڌي شاگرد جي (ڀاڱو پھريون)
11 Sep, 2026
Jaggann Manjhan Jasue
جاڳڻ منجهان جس (سائين اڪبر علي جنجهي)
03 May, 2026
The Picture of Dorian Grey
تصوير جو خون
23 Oct, 2023
Baku Khan Bosphorus Tayein
باڪوءَ کان باسفورس تائين
11 Sep, 2026