contact@sevenstarpublishers.com
+92 342 1096 230
قديم هندستاني فلسفو تمام گهڻو وسيع موضوع آهي ۽ هِنَ ڪتابڙي کي، اُنَ جو رڳو تعارفُ سمجهيو وڃي. مون هِنَ ڪتابڙي وسيلي، هندن جي سڀ کان آڳاٽي فڪري ذخيري کي، جيڪو ويدن، ڀڳوت گيتا ۽ چارواڪ مان ورتل آهي، پڙهندڙ جي ڄاڻ سڃاڻ پيدا ڪرائڻ جي وس پڄندي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
مون کي اِنَ ڳالهه جو شدت سان احساسُ آهي ته هِي مختصر ڪتابُ، ڪنهن به ريت، پوري هندستاني فلسفي کي ڀاڪُرَ ۾ نه ٿو ڀَري. مثال طور هِنَ ۾ ٻڌمت، جين مت، تينترڪ فلسفي ۽ هندن جي ڇهن مشهور فلسفياڻي فڪرَ جي نظامن کي، مان مناسب جاءِ نه ڏئي سگهيو آهيان. پوءِ به ڪتابَ جي پهرين تعارفي بابَ ۾، اِنَ آڳاٽي فلسفي جي اهم نڪتن جو مٿاڇرو جائزو ورتو اَٿم، جنهن ۾ اُنهن ٻين فڪري مڪتبن جو به هَلڪو ذڪر ٿيل آهي. خير، مان سمجهان ٿو ته پڙهندڙن کي، اِنَ مختصر تعارفَ سبب، وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي اُڃَ باقي رهندي، جنهن لاءِ مان اَڳواٽ معذرت عرض رکان ٿو.
سنسڪرت جي ڪجهه انگريزي اصطلاحن کي، اردوءَ جو ويسُ پهرائڻ ۾، ڊاڪٽر سهيل بخاري صاحبَ منهنجي مدد ڪئي آهي. جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان. تَنهن هوندي به، ڇاڪاڻ ته مان سنسڪرت کان اڻ ڄاڻ آهيان، تنهنڪري اصطلاحن جي اردوءَ ۾ استعمال ۾، مون کان ڪيئي غلطيون ٿي ويون هونديون، اِنَ جي سموري ذميداري منهنجي آهي.
مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخَ جي شعبي جي صدر جناب ڊاڪٽر مبارڪ علي خان صاحب ۽ فلسفي جي شعبي جي پروفيسر جناب ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحيم صاحبَ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو اُنهن ٻوليءَ جي سڌاري ۽ پروفَ جي پڙهڻ ۾، منهنجي مدد ڪئي. مان پنهنجي نياڻين شمائله فريد ۽ تزئين فريد جو پڻ ٿورو مڃان ٿو، جَن مسودي کي، سهڻن اکرن ۾ لکيو.
فريد الدين،
فلسفي جو شعبو، سنڌ يونيورسٽي،
4 جون 1985ع
Karoonjhar's Cry - Vol. 1
-
27 Oct, 2026
Mohbat Ji Ziyarat - Novel
محبت جي زيارت - ناول
27 Oct, 2026
Notes from Underground
پاتار مان پنا
27 Oct, 2026
Instant English For MDCAT
-
27 Oct, 2026
Baku Khan Bosphorus Tayein
باڪوءَ کان باسفورس تائين
27 Oct, 2026
Platonism and Neo Platonism
يوناني تصوف نما فڪر ۽ فلسفو
27 Oct, 2025
Chasing Homer
ھومر جي واٽ تي
28 Jul, 2026
Uthi Haliyoon Istanbul De (Part 2)
اُٿي ھليون استانبول ڏي (ڀاڱو ٻيو)
27 Oct, 2026
Essentials of MDCAT — New
Fourth Edition
18 May, 2026
Shikago: Katha Hik Sindhi Shagird Ji (Part 1)
شڪاگو: ڪٿا ھڪ سنڌي شاگرد جي (ڀاڱو پھريون)
27 Oct, 2026
Zaraat Khatra aen Mouqaa
زراعت خطرا ۽ موقعا
28 Aug, 2025
Osho Ji Atam Kahani
اوشوءَ جي آتم ڪھاڻي
12 Nov, 2025